اجرڪ ٽيمپليٽ

انتظار جون گھڙيون ختم ٿيون، پيش آهي اوهان جي خدمت ۾ هڪ نئون سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ جنهن جو نالو آهي ”اجرڪ“.. جي ها! توهان سمجهي سگهو ٿا ته اگر مان هن ٽيمپليٽ جو نالو اجرڪ رکيو آهي ته ضرور ان ۾ ڪا اجرڪ واري خاصيت هوندي ، توهان جو اندازو بلڪل صحيح آهي هن ٽيمليٽ ۾ موجود هڪ اهڙو حصو به آهي جنهن ۾ اجرڪ جا گل لڳايا ويا آهن.. دوستو مونکي بلڪل خبر نه هئي ته مان اهڙو ٽيمپليٽ ٺاهيندس پر يقين ڪريو اڃان به مونکي يقين نه پيو اچي ته هي مان ٽيمپليٽ ٺاهيو آهي پر چوندا آهين ته اگر توهان سچي دل سان ڪو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو ۽ اهو ڪم الله ۽ انجي رسول جي نالي سان شروع ڪريو ته ان ڪم ۾ الله توهان جي مدد ڪندو آهي، مون سان به اهو ئي ٿيو آهي مان الله ۽ ان جي رسول جو نالو وٺي ڪري هي ٽيپمليٽ ٺاهڻ شروع ڪيو هو ۽ ٽيمپليٽ ٺاهڻ کان پهريان مان هن ٽيمپليٽ جي ڊزائين فوٽو شاپ تي ٺاهي ۽ مان دل ۾ فيصلو ڪيو ته مونکي اهو ڪم انسانيت ۽ سنڌين جي خدمت لاءِ ڪرڻو آهي.. هي منهنجي زندگي جو پهريو بلاگر ٽيمپليٽ آهي ان کان اڳ مان ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته مان ٽيمپليٽ ٺاهيدُس پر هاڻي انشاءالله مان اوهان جي خدمت ۾ ٻيا به بلاگ ٽيمپليٽ پيش ڪندُس ۽ آئون خاص ٿورائتو آهيان سائين عبدالرشيد جو جنهن مونکي سنڌ سلامت جا فونٽ هِن ٽيمليٽ ۾ لڳائڻ جي اجازت ڏني، سچ پُڇو ته فونٽ کانسواءِ هي ٽيمپليٽ ايئن لڳي ها جيئن بنا چارجنگ جي سمارٽ فون:D:D:D:D ۽ ٻيو نمبر مان ٿورائتو آهيان ادا عبيدالله عرف عبيد ٿهيم صاحب جو جن هي ٽيمپليٽ ٺاهڻ ۾ منهنجي هر مشڪل وقت تي رهنُمائي ڪرڻ فرمائي. جنهن جي مدد کانسواءِ شايد هي ٽيمليٽ مان رليز نه ڪريان ها. 


ٽيمپليٽ جا فيچرز :
  • هن ٽيمپليٽ کي ريسپانسِو بڻايو ويو آهي (پر ريسپانسوِ ۾ ڪجهه خاميون آهن جيڪي تمام جَلد دُرست ڪبيون، جيئن فونٽ امبيڊنگ وغيره)
  • سرچ انجن آپٽيمائيزيشن (SEO)
  • موضوعن ۽ صفحن جي عنوانن لاءِ الڳ سان ڊيٽا ويريئيبل..
  • ايڇ ٽي ايم ايل جي سادي ڪوڊنگ جيئن سرچ انجن روبوٽس بلاگ تي موجود مواد کي آساني سان پڙهي سگهن..
  • بناوٽ جي ڪوڊنگ کي ٽن ٽيگس ( H1 بلاگ ٽائيٽل لاءِ، H2 سائيڊ بار ۽ پوسٽ ٽائيٽل لاءِ جڏهن ته H3 سب هيڊنگ لاءِ) ۾ سرچ انجن روبوٽ جي گهرجن مطابق ورهايل..
  • ڪيٽگريون، تبصره، محفوظ ڪيل مواد کي سرچ ڪندڙ روبوٽس جي سيٽنگ مطابق رکيل..
  • بلاگ ۾ جيڪيوري ۽ سي.ايس.ايس سان سجيل خوبصورت سلائيڊر.
  • بلاگ جي هيڊر ۾ سوشل آئيڪان سجيل..
انٽرفيس:
  • اجرڪ سنڌي بلاگ ٽيمپليٽ ۾ هڪ ئي وقت ٽي(3) سنڌي فونٽس (ايم بي نرگس، ايم بي لطيفي،ايم بي خورشيد) کي پڻ امبيڊ ڪري ٽيمپليٽ ۾ سجايو ويو آهي.. جنهن ڪري جيڪڏهن پڙهندڙ وٽ سنڌي فونٽ انسٽال ٿيل نه هوندا تڏهن به فونٽن جي نمائش بهتر ٿي سگهندي..
  • ٽيمپليٽ ۾ جيڪوري پروگرام تحط مينيوبار لڳايو ويو آهي ته جيئن بلاگ ڏسندڙ تصويرن کي سولائيءَ سان ڏِسي سگھن.
  • ٽيمپليٽ کي لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو سنڌي رکيو ويو آهي ايسيتائين جو جيڪي جملا بلاگر کي ڪرڻا هوندا آهن اهي به اڳ ئي ڪري ڊيفالٽ سيٽنگ ۾ لڳايا ويا آهن.. ۽ صرف اهي جڳهيون جيڪي گوگل بلاگر پاڻ وٽ رکيون آهن کي ترجمو ناهي ڪيو ويو ..
  • هيڊر، ڪنٽينٽ ريپر، پوسٽ سيڪشن، سائيڊ بار سيڪشن کي خوبصورت وجيٽس سان سينگاريو ويو آهي.. جيئن بلاگ تي ڦرندي مزا ماڻي سگهجن..
  • بلاگ تي مواد ڳولهڻ لاءِ هيڊر ۾ سوشل آئيڪان سان گڏ سرچ آئيڪان لڳايو ويو آهي جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ سان الڳ سان سرچ باڪس کُلي پوندو.
  • هِن ٽيمپليٽ جي پريويو ۾ توهان چيٽ سسٽم ڏِسندا جيڪو مون لڳايو آهي، اگر اُهو لڳائڻ چاهيو ته ضرور ٻُڌائجو 

0 comments:

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو