ڪمپيوٽر جو تعارف


ڪمپيوٽر جو تعارف

ڪمپيوٽر لاطيني زبان جو لفظ آهي،جنهن کي ڪمپيوٽر سان جوڙيو ويو آهي ۽ ان جو مطلب ڪنهن ڏنل ڊيٽا کي ڪلڪيوليٽ ڪرڻ هوندو آهي.ڪمپيوٽر جي مدد سان اسين آسانيءَ سان بنهه ٿورڙي وقت ۾ هر اهو ڪم ڪري سگهندا آهيون، جنهن لاءِ اسانکي گهڻي وقت جي ضرورت هوندي آهي .ڪمپيوٽر بجلي تي هلندڙ هڪ اهڙو اوزار آهي جيڪو معلومات (Data) کي وصول ڪري سگهندو آهي،ان کي محفوظ Save) ) ڪري سگهندو آهي ۽ ان تي عمل(Process) ڪري اسان کي گهربل نتيجا ڏيکاري سگهي ٿو.ڪمپيوٽر وسيلي اسان معلومات کي ٻيهر جانچ پڙتال ڪري۽ ان ۾ ڦير ڦار به ڪري سگهون ٿا.


ڪمپيوٽر جا مکيه / خاص(Main) حصا هي آهن
1. سي پي يو C P U 
2. مانيٽر MONITOR 
3. ڪي بورڊ KEYBOARD 
4. مائوس MOUSE 

سي پي يو اصل ۾ سينٽرل پروسيسنگ يونٽ (Central Processing Unit) جو مخفف آهي. ڪمپيوٽر جي هي حصو اسان جي هدايتن تي عمل ڪري گهربل نتيجن کي مانيٽر وسيلي ڏيکاريندو آهي ۽ پرنٽر وسيلي ڪاغذ تي منتقل ڪري سگهندو آهي. 

ڪمپيوٽر جي هن حصي کي ڊسپلي يونٽ Display Unit) ) به چيو ويندو آهي، هي اسان کي ڪم ڪرڻ دوران گهربل نتيجن کي اسڪرين تي ڏيکاريندو آهي. 

مائوس وانگر ڪي بورڊ ڪمپيوٽر سان رابطي جو ذريعو آهي.جيڪڏهن اوهان وٽ مائوس نه آهي ته اوهان ڪي بورڊ جي مدد سان به ڪمپيوٽر کي حڪم ڏيئي سگهو ٿا ۽ معلومات کي داخل ڪري سگهو ٿا. 

ڪي بورڊ حقيقت ۾ مختلف لفظن جو مجموعو آهي،جنهن جي مدد ۽ ڳانڍاپي سان لفظ ٺهندا آهن ۽ هڪ عمل کي ظاهر ڪندو آهي.هي ٽائيپ رائيٽر جي ڪي وانگر هوندو آهي پر هن ۾ ان کان وڌيڪ ڪيز يعني بٽڻن جو تعداد زياده هوندو آهي.اهي وڌيڪ بٽڻ ڪمپيوٽر جي استعمال وقت هر پروگرام جي مختلفعملن ۾ ڪم ايندا آهن.ان لاءِ ضروري آهي ته ڪي بورڊ کي پنهنجي ذهن ۾ چڱيءَ طرح ياد ڪرڻ گهرجي ته جيئن اوهان کي ٽائيپ ڪرڻ وقت اهيو ياد هجي ته ڪهڙو بٽڻ ڪهڙي جاءِ تي موجود آهي. 

ڪمپيوٽر جو هي حصو ڪمپيوٽر هلائڻ ۾ بهترين مددگار ثابت ٿئي ٿو.هي خاي طور تي ڊيزائينگ(Designing) ۾ گهڻو استعمال ٿيندو آهي،عام طور تي هن ۾ ٻه بٽڻ لڳل هوندا آهن هن وقت نئين ماڊل واري مائوس ۾ ٽي بٽڻ آهن پر اسان پنهنجو ڪم وڌ کان وڌ کاٻي بٽڻ سان ئي ڪندا آهيون.شروع شروع ۾ مائوس کي ڪنٽرول ڪرڻ (User) لاءِ مشڪل هوندو آهي پر مشق (Practice) ڪرڻ سان هيءَ مشڪل ختم ٿي ويندي آهي.هن کي استعمال ڪرڻ جو طريقو هي آهي ته ساڄي هٿ جون ٻه آنڱريون ٻنهي بٽڻن تي رکجن،جيئن ئي اوهان مائوس کي هيڏي هوڏي گهمائيندا ته اسڪرين تي هڪ تير به اهڙي طرح گهمندي /حرڪت ڪندي نظر ايندو.ان تير کي مائوس پوائنٽر (Mouse Pointer) چيو ويندو آهي.مائوس جو ساڄو بٽڻ عام طور تي Helpيا Option کي منتخب ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ ايندو آهي،جڏهن ته کاٻو بٽڻ تمام گهڻو استعمال ۾ ايندو آهي.ڪنهن به شيءِ (Object) تي رکي جيڪڏهن ان کي گهمائبو ته اها شيءِ به ان سان گڏ حرڪت ڪندي رهندي.ان عمل کي ڊريگ (Drag) چئبو آهي ، جتي به کاٻي بٽڻ کي ڇڏبو ته اها شيءِ اتي ئي اچي ويندي،ان عمل کي ڊراپ (Drop) چئبو آهي. 


◄جيڪڏهن ڪمپيوٽر آن (ON) ناهي ته ان کي سي پي يو CPU ۾ لڳل پاور بٽڻ (Power Button) جي مدد سان چالو(ON) ڪريو. سي پي يو جي ڊيزائين مختلف هجڻ ڪري پاور بٽڻ (Power Button) به مختلف جاين تي لڳل هوندا آهن. 


اوهان جي ڪمپيوٽر ۾ جيڪڏهن window جو Version 95-98-Me -NT4.0- يا XP آهي ته ڪمپيوٽر ڊائريڪٽ ونڊو هلائيندو،هن عمل کي 20 سيڪنڊن کان 2 منٽ به لڳي سگهن ٿا،اهو ڪمپيوٽر جي رفتار تي دارو مدار رکي ٿو. 


هاڻي هڪ اسڪرين Displayظاهر ٿيندي ،جنهن تي ڪجهه Icons وغيره ٺهيل هوندا،مائوس جو پوائنٽر جيڪڏهن هن طرح هجي ته ان جو مطلب آهي ته ڪمپيوٽر Busy آهي، جيستائين هن طرح جو نشان نه اچي،تيستائين ڪم شروع نه ڪرڻ گهرجي. 


Displayتي هيٺان ڏنل جيڪا جاءِ آهي،ان جي مدد وسيلي اسان مختلف پروگرام هلائي سگهون ٿا يا Desktop تي ٺهيل Icons يا Shortcut جي مدد به پروگرام هلائي سگهون ٿا. 


اسٽارٽ تي اسان مائوس جي Left Click وسيلي پروگرام کي هلائي سگهون ٿا يا ڪي بورڊ ۾ موجود ( Windows key ) يا شارٽ ڪٽ Ctrl+Esc جي مدد به حاصل ڪري سگهون ٿا. 


ڪمپيوٽر ۾ مختلف ڪم ڪرڻ لاءِ Windows ۾ ڪجهه Accessories به موجود آهن جيڪي ڪمپيوٽر هلائيندڙ لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون آهن،ان کي استعمال ڪرڻ لاءِپهريون تي ڪلڪ ۽ مائوس جي پوائنٽر کي All Programs تي رکڻ سان مختلف پروگرامن جي فهرستList نڪري ايندي جنهن مان اوهان Accessories تي پوائنٽر کي رکندا ته اڃا هڪ ٻئي فهرستList نڪري ايندي جنهن جو ذڪر اسان تفصيل وار ڪريون ٿا. 


1. ڪلڪيوليٽر : ڪلڪيوليٽر تي ڪلڪ ڪرڻ سان هن طرح جو ڪلڪيوليٽر اچي ويندو،جنهن کي اوهان پنهنجي مرضيءَ موجب بنيادي Standard سائنسي Scientificحساب ڪتاب Calculationجي لاءِ تبديل ڪري سگهو ٿا. 


2. نوٽ پيڊ Notepad) (هن پروگرام جي مدد سان Text فائيلن کي ٺاهي ۽ پڙهي سگهجي ٿو ۽ انهن ۾ ردو بدل به ڪري سگهجي ٿي.هن ۾ عام طرح HTML فائيلن جي (Coding) به ڪئي ويندي آهي. 


3. پينٽ Paint هن پروگرام جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته اسان هتي اچي ڪري پنهنجي مرضي،فن ۽ ڏاهپ کي استعمال ڪري مصوري ڪري سگهون ٿا. 


4. Paintتي ڪلڪ ڪرڻ سان شڪل نمبر 2 وانگي Window نظر ايندي .هن ۾ اسين خاص ڪري Bitmaps کيOpen ڪندا آهيون ۽ انهيءَ ۾ اسان پنهنجي مرضيءَ موجب تبديلي به ڪري سگهون ٿا. 


هن جي وسيلي اسان پنهنجي پاران ٺاهيل تصوير کي Desktop تي Background / Wallpaper تي رکي به سگهون ٿا 


.5 ورڊ پيڊ Word pad هن پروگرام جي مدد سان اسان Letters وغيره لکي سگهون ٿا،هي بنيادي طور تي اهڙو پروگرام آهي،جيڪو Text کي سٺي نموني سان Format ڪري سگهون ٿا.هن ۾ اسان MS Word (جي ڪجههVersions ) ۽Notepad وغيره جي فائيلن کي Open به ڪري سگهون ٿا ۽ نوان Text فائيل به انهيءَ سگهون ٿا.هن ۾ اسين Notepad جي مقابلي ۾ وڏي پئماني تي اسان Text کي خوبصورت بڻائي سگهون ٿا. 


ڪمپيوٽر ۾ اهم معلومات( Information )جهڙوڪ Drives پروگرام Programs ڊيٽا / Data مواد وغيره اسان ماءِ ڪمپيوٽر جي مدد سان ڏسي ۽ جانچي سگهون ٿا. ڊيسڪ ٽاپ Desktop تي نظر ايندڙ ماءِ ڪمپيوٽر My Computer جي Icon تي مائوس جي کاٻي بٽڻ ساب ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان مٿي تصوير ۾ ڏيکاريل Window نظر ايندي جنهن ۾ مختلف Icon موجود هوندا آهن.جن مان ڪنهن کي به استعمال ڪرڻ لاءِ ڊبل ڪلڪ ڪري سگهجي ٿو جنهن کان پوءِ ان ۾ موجود ڪيترائي فولڊر/فائيل۽انهن جو تفصيل اسان کي نظر ايندو.هنن Contentsمان ڪنهن کي استعمال ڪرڻو آهي ته ان تي Double Click ڪنداسين ته ان جو تفصيل اسان جي سامهون اچي ويندو. 


جيڪڏهن اسان هارڊ ڊرائيو جي ڪنهن به پارٽيشن تي Double Click ڪنداسين ته هڪ ونڊو نظر ايندي،جنهن ۾ پيل فائيل ۽ فولڊر اسان کي هن طرح سان نظر ايندا.Window ۾ هر فولڊر جي مٿان واري پٽي ۾ (Title Bar) ۾ انهيءَ فولڊر جو نالو لکيل هوندو آهي. جڏهن ته ڪنهن مهل فولڊر جي پوري لوڪيشن به نظر ايندي آهي.اهيو سڀ ان لاءِ آهي ته ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ کي پوري ڄاڻ هجي ته هو ڪهڙي فولڊر ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.فولڊر جي اندر ٻيا ڪيترائي فولڊر يا فائيل به ٿي سگهن ٿا بلڪل ائين ئي جئين ڪنهن دفتر ۾ ڪيترن ئي ڪاغذن کي هڪ خاص فائيل ۾ شامل ڪري الماڙي جي مختلف خانن ۾ رکيو ويندو آهي.ڪمپيوٽر ۾ به فائيلن کي هڪ مخصوص جڳهه يعني فولڊر رکيو وڃي ٿو ته جئين ضرورت وقت آسانيءَ سان انهيءَ فولڊر کي Open ڪري استعمال ڪري سگهجي. 


◄فائيل مختلف قسمن جا ٿيندا آهن،جهڙوڪ Database,Text,Graphicsوغيره. 


◄ڪي فائيل ۽ فولڊر شڪل ۾ ڌنڌلا / هلڪي رنگ جا نظر ايندا اصل ۾ اُهي Hiddenفولڊر يا فائيلآهن. 


اسان ڪنهن به فولڊر کي مائوس وسيلي رائيٽ ڪلڪ ڪنداسين ته اسان کي Back,Forward,Up,Cut,Copy,Paste,Undo,Delete 


جا آپشن نظر ايندا جن جي مدد سان اسان مختلف ڪم ڪري سگهنداسين.Address Bar ۾ اسان کي سليڪٽ ڪيل فولڊر يا فائيل جو تفصيل نظر ايندو جنهن مان معلوم ٿيندو ته هي فولڊر يا فولڊر ڪهڙي ڊرائيو ۾ ۽ ڪٿي آهي. 


ونڊو ۾ هڪ ڪنٽرول پئنل هوندو آهي جنهن جي وسيلي اسان window جي Setting ۾ تبديلي ڪري سگهون ٿا.ڪنٽرون پئنل ۾ ڪيترن ئي قسمن جا آپشن موجود ٿين ٿا پر اسان هتي اهڙن آپشنن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي عام استعمال ۾ اچن ٿا. 


● ڪنٽرول پئنل کي Open ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن پر اسان هتي صرف ٻن آسان طريقن جو ذڪر ڪريون ٿا. 


Windows .1کي انسٽال ڪرڻ کان پوءِ نظر ايندڙ اسڪرين ۾ کي مائوس جي مدد سان ڪلڪ ڪرڻ کان پوءِ Setting تي ڪلڪ ڪري، Control Penal تي ڊبل ڪلڪ ڪنداسين ته ڪنٽرول پئنل کُلي ايندو. 


2. My Computer تي ڊبل ڪلڪ ڪريو ۽ پوءِ ڪنٽرول پئنل (Control Penal) تي ڊبل ڪلڪ ڪندا ته ڪنٽرول پئنل کُلي ايندو. 


● ڪنٽرول پئنل Control Penal کُلڻ بعد هن طرح اوهان کي نظر ايندو،جنهن ۾ کوڙ سارا Icon آهن،جن مان عام طرح استعمال ۾ ايندڙ Icons جو ذڪر ڪنداسين. 


1. ايڪسيسيبلٽي آپشنز Accessibility Options 

هن جي مدد سان Windows کي اهڙن ماڻهن لاءِ سيٽ ڪري سگهجي ٿو جن جي نظر گهٽ/ڪمزور آهي،ٽائيپنگ آساني سان نٿا ڪري سگهن يا انهن جا هٿ ڏڪي رهيا آهن. 

2. ايڊ نيو هارڊ ويئر Add New Hardware

هن جي وسيلي ڪمپيوٽر ۾ لڳايل هارڊ ويئر جهڙوڪ ڊسپلي ڪارڊ،سائونڊ ڪارڊ،اسڪينر ۽ مائوس وغيره جي ڊرائيورنDrivers کي Install ڪيو ويندو آهي،ته جيئن اهي صحيح طرح سان ڪم ڪري سگهن. هن تي ڪلڪ ڪرڻ سان هڪ Wizar,Step by Step شروع ٿي ويندو،جنهن جي مدد سان اوهان آسانيءَ سان نئين لڳايل هارڊ ويئر کي انسٽالInstall ڪري سگهو ٿا. 

3. ايڊ / ريموو پروگرام* Add/Remove Programs

هي ڊائلاه باڪس Windows ۾ موجود پروگرامن کي ختم/Remove ڪرڻ يا نون پروگرامن کي انسٽال ڪري سگهجي ٿو،هن جي وسيلي Windows جي Components کي ختم يا انسٽال به ڪري سگهجي ٿو،ان کانسواءِ هن پروگرام جي ذريعي Windows جي اسٽارٽ اپ ڊسڪ (Startup Disk) به تيار ڪري سگهجي ٿي. 

4. وقت ۽ تاريخ Date and Time 

هن باڪس جي ذريعي ڪمپيوٽر جي وقت ۽ تاريخ کي درست ڪري سگهجي ٿو. 

5. ڊسپليDisplay

Monitor تي Display جي ترتيب Setting هتان تبديل ڪري سگهجي ٿو.Screen Sever,Backgroud ۽ مانيٽر جي Resolution کي به هتان ترتيب ڏيئي سگهجي ٿي،هن جي وسيلي ڊسپلي ڪارڊ جا ڊرائيور به انسٽال ڪري سگهجن ٿا. 

6. اکرن/لکت جا نمونا Fonts

هن پروگرام وسيلي ونڊوزWindows ۾ انسٽال ٿيل Fonts ڏسي سگهجن ٿا،انهن کي ختم ۽ ٻين نون Fonts کي انسٽال به ڪري سگهجي ٿو. 

7. راندين جي چونڊ Gaming Option

هن پروگرام جي مدد سان اسانGame Controllers جهڙوڪ Joy Stick وغيره کي انسٽال ڪري سگهون ٿا ۽ ان جي سيٽنگ ۾ردو بدل به ڪري سگهون ٿا. 

8. ڪي بورڊKeyboard

هن جي مدد سان اسان ڪي بورڊ جي Key Doubling ۽ Cursor Speed وغيره تي ڪنٽرول ڪري سگهنداسين. ان کان سواءِ اسان Hardware کي ڪلڪ ڪنداسين ته هڪ ٻيو ونڊو نظر ايندي جتي اسان کي معلومات ملندي ته ڪهڙي قسم جو ڪي بورڊ اسان جي ڪمپيوٽر سان لڳل آهي ۽ هتان ئي اسان ڊرائيور اپ ڊيٽ ۽ ان انسٽال به ڪري سگهنداسين. 

9. ميل اينڊ فيڪس Mail and Fax

هن Option وسيلي انٽر نيٽ Internet ۽ فيڪس سروس Fax Service کي استعمال ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جيئن هن باڪس ۾اوهان ڏسي رهيا آهيو ته هتي E-mail Account جي بٽڻ کي ڪلڪ ڪرڻ سان اوهان پنهنجي اِي ميل اڪائونٽ جو Setup ڪري سگهو ٿا.Data Files جي تبديلي جي سيٽنگ ۽ پروفائيل کي ڏسي سگهو ٿا. 

10. مائوس Mouse

هن ڊائيلاگ باڪس وسيلي اسان مائوس جي سيٽنگ کي پنهنجيءَ مرضيءَ سان تبديل ڪري سگهون ٿا ان کان سواءِ مائوس جي بٽڻن کي به تبديل ڪري سگهون ٿا.مائوس پوائنٽر جي رفتار ۽ ان جي شڪل کي به بدلائي سگهون ٿا. 

11. فون Phone ۽ موڊيم Modem

هن جي مدد سان اسان نئون موڊيم انسٽال به ڪري سگهون ٿا ۽ انسٽال ٿيل موڊيم کي Configure به ڪري سگهون ٿا.ان کانسواءِ انٽرنيٽ کي هلائڻ لاءِ اسان فون Phone يا وي وائرليس جو Open Account ٺاهي سگهون ٿا. 

12. نيٽ ورڪNetwork

هن ڊائيلاگ باڪس وسيلي اسان هڪ کان وڌيڪ ڪمپيوٽرن جي وچ ۾ رابطو قائم ڪري سگهون ٿا، Data Sharing کان سواءِ Print Sharing به ڪري سگهون ٿا.ان لاءِ سڀ کان اول پراپرٽي کي ڪلڪ ڪبو ان بعد هڪ کان وڌيڪ ڪمپيوٽرن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ آءِ پي ائڊريس داخل ڪري نيٽ ورڪ سيٽ اپ وزرڊ جي سيٽنگ کان پوءِ اوهان جا ڪمپيوٽر هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويندا.جڏهن ته Dsl جي سيٽنگ خودڪار ۽ آءِ پي ائڊريس وسيلي به ڪري سگهجي ٿي. 

13. پرنٽر Printer

هن جي مدد سان ڪمپيوٽر سان لڳل پرنٽر جي سيٽنگ کي ڏسي ۽ تبديل ڪري سگجي ٿو 

.14علائقائي ترتيب Regional Settings

هن ڊائيلاگ باڪس کي Open ڪرڻ کان پوءِ هن وسيلي اسان ڏهائي کان پوءِ انگن جو تعداد تاريخ ۽ مقامي وقت جي تبديلي Style ۽ ڪرنسي جو Symbol به تبديل ڪري سگهون ٿا.ان کان سواءِ مقامي ٻولي مثال سنڌي کي به انسٽال ڪرڻ لاءِ هتان ئي سپورٽ ڪري سگهجي ٿي. 

15. اسڪينر ۽ ڪئميراScanners and Cameras

هن جي مدد سان اسان پنهنجي ڪمپيوٽر سان گڏ Scanner يا Camera جي سيٽنگ کي تبديل ڪري يا نئون اسڪينر يا ڪئميرا انسٽال به به ڪري سگهون ٿا. 

16. شيڊول ٽاسڪScheduled Tasks 

هن جي مدد سان اسان پنهنجي آسانيءَ لاءِ ڪمپيوٽر جي ڪنهن خاص پروگرام (جهڙوڪ Scandisk وغيره) لاءِ خاص وقت ۽ وقفو سيٽ ڪري سگهون ٿا،ان کان پوءِ ڪمپيوٽر خود به خود به خود اوتري وقفي ۽ مقرر ڪيل وقت تي اهو پروگرام شروع ڪري ڏيندو. 

17. سائونڊ اينڊ ملٽي ميڊيا Sound and Multimedia

هن ڊائيلاگ باڪس کي Open ڪرڻ سان اسان سائونڊ جي لاءِ Device جي سيٽنگ ڪري سگهون ٿا،ان کان سواءِ ونڊو جي شروع ٿيڻ وقت ڪنهن پروگرام کي هلائڻ ڪنهن ونڊو کي Minimize يا Maximize ڪرڻ وقت گهٽ آواز ۾ به سائونڊ سيٽ ڪري سگهون ٿا. 

18. ڪمپيوٽر مئنيجمينٽComputer Management

هن جي مدد سان اسان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود هارڊ ويئر جو فني Technical جائزو ڄاڻي سگهون ٿا ۽ اهيو ڏسي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ڊوائيس Device لڳل آهي ۽ ڪهڙي ڊوائيس جا ڊرائيور Drivers صحيح ڪم نٿا ڪن، انهيءَ جي مدد سان نوان يا اپ گريڊ Upgrade ڊرائيور به انسٽال ڪري سگهجن ٿا. 

19 ٽاسڪ بار اينڊ اسٽارٽ مينيوTaskbar & Start Menu 

هن وسيلي اسان ٽاسڪ بار ۽ اسٽارٽ مينيو جي ترتيب تبديل ڪري سگهون ٿا ۽ اسٽارٽ مينيو ۾ پروگرامن جي فهرست List ۾ تبديلي ڪري سگهون ٿا.


8 comments:

بهترين معلوماتي
مهرباني سنڌي آء ٽي

ادا هڪ دوست پڇيو آهي
ڇا ڪرڻ گهرجي يا ڇا ڪجي جو جڏهن بلاگ لکون ته پوسٽون ايم بي لطيفي يا ٻئي ڪنهن سٺي سنڌي فونٽ ۾ ظاهر ٿين. جيئن هن بلاگ جا فونٽ نظر اچي رهيا آهن. ڇاڪاڻ جو عام طور تي بلاگز ۾ سنڌي فونٽ ڪونهن، تنهنڪري جڏهن سنڌيءَ ۾ ڪا پوسٽ لکون ٿا ته اها گهڻو ڪري ٿهوما فونٽ ۾ ظاهر ٿئي ٿي. پر هن بلاگ جا فونٽ سٺا نظر اچي رهيا آهن. ڇا ڪرڻ گهرجي جو اسان به جڏهن ڪو سنڌيءَ ۾ بلاگ

ادا فونٽ بلاگ جي ٽيمپليٽ ۾ ايمبڊ ڪيا ويندا آهن اوهانپنهنجي دوست کي منهنجي ايميل تي رابطو ڪرايو مان ان کي سمجهائيندس

منهنجي ايميل هي آهي amrchachar@gmail.com

تبصرو لکو

.

اوهان جي هر تبصري جو جواب انشاءالله جلد از جلد ڏنو ويندو